آڙي بسنت

آڙي بسنت (راڳڻي ):مشر ميل راڳڻي، جنهن ۾ پنجم ورج ٿيل آهي. امروهي ۾ پنچم سان رکب ممنوع آهي. رکب ڪومل باقي سڀ سُرَ شڌ آهن. هي اوڍو راڳڻي آهي.
هن راڳڻي جو خاص سرگم هي آهي: نِي سا گاما- گاما ڌاني- ساني ري- ساني ڌاما- گاما گاري – ساني ساما- گاما گاڌا. ني رِي سا
هن راڳڻي جي آروهي سانِي ري ساني ڌاما گارِي سا ۽ امروهي نِي سا گاما ڌاني سا آهي. هونئن ته هي راڳڻي هر وقت ڳائي سگهجي ٿي پر گهڻو ڪري هي راڳڻي شام جي وقت ڳائجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو